اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ اي??يا??ي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن ترڪمانستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف س??ن ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪمانستان وچ ايشيا جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ترڪمانستان جي عوام ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مب??رڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ايشيا ويزن تحت وچ اي??يا??ي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.