اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ت??قي??تي منصوبن تي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ?? معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ جي 14 گهٽ ترقي يافته علائقن جي سماجي اقتصادي ترقي اسان جو هدف آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ ت??قي??تي پلان تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا?? اسد عمر ۽ محمد حماد اظهر شريڪ ٿيا، وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت ت??قي??تي پلان جو مقصد 14 ضلعن جي رهواسي?? کي معاشي ?? معاشرتي ترقي آهي. وزيراعظم جي لاڳاپيل کات?? کي حيدرآباد کان سکر موٽر وي ۽ بدين، گهوٽڪي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ?? معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي. 444 ارب روپين جو سنڌ ت??قي??تي پلان 48 پي ايس ڊي پي منصوبن، غير پي ايس ڊي پي 50 ۽ 7 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تي مشتمل آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 -2021ع لاءِ ان پلان تحت 26 ت??قي??تي منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي، 8 وفاقي وزارتن ۽ کات?? کي 16.304 ارب روپين جي منظوري به ڏني وئي آهي، سنڌ ت??قي??تي پلان ۾ رستن، موٽر وي، هائوسنگ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، آبي وسيلا، صحت، اعليٰ تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، ڊزاسٽرمينيجمينٽ، ريلوي، توانائي ۽ راندين جي سهولتن جا منصوبا شامل آهن.