اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته وزيراعظم پارٽي قيادت کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت مهانگائي جي مسئلي کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم وچولي طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري ??دم کڻڻ ۽ احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو ا??ي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي، هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار ٿيڻ جي اميد آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ا??ي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪمي??ي جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪور ڪمي??ي جي اجلاس ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جي حوالي سان سڀ کان اهم موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري ??واد حسين چيو ته وزيراعظم پارٽي ليڊرشپ کي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مقامي حڪومتن جي چونڊن جي تياري جي لاءِ شهرن ۽ ضلعن ۾ شيڊيول جاري ڪيا وڃن. اطلاعات واري ??فاقي وزير ٻڌايو ته ڪور ڪمي??ي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم احساس پروگرام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين زوم ذريعي جڏهن ته احساس پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارنوزيرن سميت چيف سيڪريٽرين ۽ سينئر بيورو ڪريٽس شرڪت ڪئي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم وولي طبقي کي ريليف جي فراهمي لاءِ فوري ??دمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم کي وڌائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب احساس پروگرام جي سبسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجڻ جي لاءِ تيار آهن. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ بلوچستان به ان سبسڊي اسڪيم ۾ حصيدار بڻجن. گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ان ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪنڪ جاري ڪرڻ ۾ مسلسل دير جي ڪري سنڌ ۾ 20 ڪلو ا??ي جو ٿيلهو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڀيٽ ۾ 400 رپيا وڌيڪ مهانگو آهي. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت تي مسلسل زور ڏئي رهيا آهيون ته ڪڻڪ جي ريليز کي وڌايو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ ا??ي جي قيمت گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته هن سال ڪمند جي تاريخي پيداوار متوقع آهي، ڪپهه جي پيداوار گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ا??ي جي قيمت ۾ مسلسل گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي، ڪريشنگ سيزن شروع ٿيندي ته کنڊ جي قيمت وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته دالين، ڀاڄين، کنڊ ۽ ا??ي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان آهي. جيڪڏهن اهو رجحان برقرار رهيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري عوام کي درپيش مشڪلاتن ۾ ڪجهه ريليف ملندو، حڪومت مهانگائي جي مسئلي جي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، وزيراعظم ايندڙ ڏي??هن ۾ وڏن پروگرامن جو اعلان ڪندو.