اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي چيو آهي ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي بل کي ڊيگهه ڏئي حڪومتي قانونسازي کي ??لڊوز ڪيو ويو، صدر جي خطاب لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي اهو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري لاءِ موڪلين??اس??ن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي يقين ڏياريون ٿا ته انهن کي ووٽ جو حق ضرور ملندو، مخالف ڌر ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان ان لاءِ ڊنل آهي ته اهو ووٽ عمران خان کي ملندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي مان بل تي هڪ تجويز به مخالف ڌر پاران نه آئي، قومي اسيمبلي مان بل منظور ٿيڻ کانپوءِ 90 ڏينهن جي اندر سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ضروري آهي، اسان نئين روايتي قائم ڪئي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميتي ۾ پيش ٿياسين جتي اسان اليڪشن ڪميشن آڏو ان پاران اٿاريل اعتراضن تي سوال رکڻ چاهيو پئي جڏهن ته ائين پهريون ??يرو ٿيو جو جنهن اداري جي لاءِ اسان قانونسازي ڪرڻ چاهيون ٿا اهو اجلاس مان اٿي هليو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪميٽي جي چيئرمين بلوچستان ما?? عورت سينيٽر کي وڊيو لنڪ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اڄ سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي وڊيو لنڪ ذريعي ٿئي ٿي، مخالف ڌر پهريون ??يرو حڪومتي قانونسازي کي ??لڊوز ڪيو ان عمل سان مخالف ڌر بي نقاب ٿي، اها سڌارن جي دشمن، اسٽيٽس ڪو ۾ ٻڌل آهن، اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي اقتدار ۾ حصيداري جا دشمن آهن. هن چيو ته ڌانڌلي سان مخالف ڌر اڳواڻ ٺاهڻ جا الزام هڻندڙن هڪ ٻئي کي ??سليم ڪري ورتو، انهن کي ??طرو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جو ووٽ عمران خان کي ملندو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي ??وشخبري ڏني ته انهن جو بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي وين??اس??ن. هن چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري رهيا آهيون جتي صدر جي خطاب سان گڏ چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن کانپوءِ اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائين??اس??ن، اتي ان قانون ??ي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ڏانهن موڪلين??اس??ن. هن سوال ڪيو ته ڇا اهو اتفاق آهي ته هڪ طرف سڌارا ڪندڙ آهن ۽ ٻئي طرف سمورا اسٽيٽس ڪو وارا ان جا مخالف آهن. هن چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت جلد کان جلد اها قانونسازي ڪندي، حڪومت نيب جي قانونسازي جو ذمو کنيو ته مخالف ڌر ان جي آڙ ۾ اين آر او گهريو پر حڪومت اهو بل به منظور ڪرايو. ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته پاڪستان جي جمهوريت جي اساس ۽ شفاف چونڊون ??رائڻ جي لاءِ حڪومت سڌارا آڻي رهي آهي، گذريل سال آڪٽوبر ۾ 49 ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون، صدر 2 سالن کان اي وي ايم جي لاءِ لاڳيتو ايوان صدر ۾ اجلاس ڪندو رهيو جنهن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهر پن شرڪت ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته اهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ضرورت موجب آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڃڻ ضرورت آهي، اليڪشن ڪميشن جو اهو صوابديد آهي ته اها پنهنجي معيار موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي چونڊ ڪري. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي اسان مخالف ڌر کي ??ڪست ڏين??اس??ن، 2023ع جون ??ونڊون صاف، شفاف ٿينديون. هن چيو ته پارليامينٽ بالادست ادارو آهي، سنڌ ۾ ناڪام طرز جمهوريت کي ??قيقي جمهوريت سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، شفاف چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس مان اليڪشن ڪميشن جي واڪ آئوٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪو آئيني ادارو پنهنجو پاڻ کي ??يڪڏهن آئين کان مٿانهون سمجهي ٿو ته اهو ئي ائين ڪري سگهي ٿو، دنيا ۾ بئنڪنگ، عدليه، انتظاميا سميت هر ادارو ٽيڪنالاجي طرف وڃي چڪو آهي.