اسلام آب??د ?? 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پ??را?? سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم ??هي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني ج??ڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي ج?? ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي ج?? پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال ??هي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سيد علي گيلاني ج?? تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني ج??ندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني ج?? گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خلاف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي ??هي.