اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ??يڊ??ا ڊ??ولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آ??ي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي پڻ ان حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو آهي، فيڪ نيوز وڏو چئلينج آهي، صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي ڪانٽريڪٽ تي عملدرآمد مسئلو آهي، پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس نه آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هجي ها ته مشاورت نه ڪريون ٿا، وار آف اوپينيئن ۽ عيرروايتي جنگ لاڳو ٿي چڪي آ??ي. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پاڪستان ??يڊ??ا ڊ??ولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ??ي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ايم ڊي اي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آ??ي. هن ٻڌايو ته اي يو ڊس انفوليب 750 جعلي ويب سائيٽس کي بي نقاب ڪيو، ناليوارين شخصيتن جا جعلي اڪائونٽس ٺاهي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيون ٿا ته پي ايم ڊي اي سان اظهار راءِ جي آزادي تي ڪا پابندي نه لڳندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته باقي ملڪن وانگر فيس بڪ، ٽوئيٽر، نيٽ فليڪس، يوٽيوب ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم جون آفيسون پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ گهرجن، نئين ايڊورٽائيزنگ پاليسي ۾ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ شامل ڪئي وئي آ??ي، جيڪي پي آءِ ڊي سان رجسٽرڊ هوندا انهن کي سرڪاري اشتهار ملي سگهندا. هن ٻڌايو ته ??يڊ??ا ڪمپلينٽ ڪائونسل ۾ صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز جي درخواست جو 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان جي خلاف ??يڊ??ا ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهبو، هتي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهندو. هن چيو ته ماضي ۾ اهڙيون روايتون نه هيون، ڪنه?? به قانون جو مسودو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن ويندو هو. هن چيو ته ??يڊ??ا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، ان اهميت کي تسليم ڪريون ٿا، سينيٽ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جا ميمبر پي ايم ڊي اي تي پنهنجي پارٽي قيادت کي ٺوس بريفنگ ڏين. هن چيو ته صحافين ۽ ??يڊ??ا ورڪرز کي تمام گهڻا مسئلا درپيش آهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ايم ڊي اي ۾ صحافين جي تربيت ۽ تحقيق کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، پي ايم ڊي اي ٺاهڻ سان فنانشل بجيٽ ۾ گهٽتائي، ريگيوليٽري ادارا هڪ ڇت هيٺ اچي ويندا، بنيادي طور تي ٻه آپشن هئا، ??يڊ??ا بابت سمورن قانونن ۾ ترميمون ڪيون وڃن يا هڪڙو ئي قانون آندو وڃي.