اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 21 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 974 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 40 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 55 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 56 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 57 هزار 460 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 822، پنجاب ۾ 20 هزار 766، خيبرپخ??ون??واهه ۾ 10 هزار 84، اسلام آباد ۾ 5 هزار 300، بلوچستان ۾ 1685، گلگت بلتستان ۾ 724، آزاد ڪشمير ۾ 1079 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 96 هزار 426 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 491 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 88 هزار 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 11 لک 9 ه??ار 274 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 29 هزار 790، بلوچستان ۾ 31 هزار 686، گلگت بلتستان ۾ 9 ه??ار 482، اسلام آباد ۾ 94 هزار 714، خيبرپخ??ون??واهه ۾ هڪ لک 53 هزار 836، پنجاب ۾ 3 لک 74 هزار 916 ۽ سنڌ ۾ 4 ل?? 14 ??زار 850 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 24 هزار 639 ٿي چڪو آهي،