اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم مي??يا آفيس موجب م??اقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ س??احت جي فروغ ل??ءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪ??نال منصوبي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح ل??ءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.