فيصل آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وڻ لڳائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، اسان کي پاڪستان سميت پوري دن??ا کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو ف??صل آباد ۾ وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلي جي لاءِ 14 سئو ارب رکيا آهن. وڻ لڳائڻ صدقه جاريه آهي. هن چيو ته پوري دن??ا موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان جي هڪ ڪال تي پوري قوم متحد ٿي وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خان جي وڻڪاري مهم کي پوري دن??ا ساراهيو آهي، اهو ??ي سبب آهي جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو موقعو به پاڪستان کي مليو.