اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ??يس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪ??و. ??اڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراه??و. ??ي اين ??يس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان گڏيل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ??يس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.