اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ??هي ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، بيماري جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي. اها ڳالهه هن هتي فاطمه جناح پارڪ ايف نائين ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطا?? ڪندي چئي. تقريب جو اهتمام پنڪ ربن ۽ قومي صحت خدمتن ۽ ريگوليشنز واري وزارت ڪيو هو، ان موقعي تي عورت پارليامين??ري?? سميت شاگردياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ نرسن جو هڪ وڏو تعداد به موجود هو. خاتون اول تقريب کي خطا?? ڪندي چيو ??ه اڄ جي ان واڪ جو مقصد عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ آهي، هن چيو ??ه عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ سخت ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن بيماري جي سڃاڻپ ??رو??اتي مرحلي ۾ ٿي وڃي ته ان جو علاج ممڪن ٿيندو آهي ان لاءِ اسان کي ان بيماري ۾ جلد سڃاڻپ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو.