اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ق??ام سان پي ٽي آءِ حڪومت ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل واعدو وفا ڪيو آهي، ماضي ۾ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ انهن جي مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي لاءِ ڌار سالي??ني ترقياتي پروگرام سان علائقي ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو، اختيارن جي منتقلي کي مرحليوار اڳتي وڌايو وڃي، عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا آ??يس مان جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ق??ام ۽ ورڪنگ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.