اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽاسڪ فورس براءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي تحت انٽرنيٽ ووٽنگ (آءِ ووٽنگ) بابت ذيلي ڪميٽي جي جوڙجڪ کي ساراهيو آهي. صدر چيو ته ان قدم سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ل??ء?? قابل اعتماد ۽ بنا خوف ۽ خطري جي ووٽ جو حق ادا ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ سا?? گڏوگڏ شفاف طريقيڪار جي ذريعي ووٽ جي رازداري کي برقرار رکڻ جي راهه همو??ر ٿيندي.