اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غوث بخش خان مهر ۽ سردا?? نصر الله خان دريشڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ خصوصي ص??احڪار ملڪ محمد عامر ڊوگر به موجود هئا. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي سياسي معاملن ۽ جاري ترقي??تي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل تڪن ۾ پارٽي کي سياسي طور تي منظم ۽ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.