اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان مو??ب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهر?? پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظ??لم??ڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خ??تمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائ?? پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهر?? پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.