اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سيالڪوٽ واقعي کي بي رحماڻو ۽ قابل مذمت قرار ڏيندي چي?? آهي ته واقعي جي شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ ڪئي ويندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته پنجاب حڪومت ۽ سيالڪوٽ انتظاميه کي 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن تائين پهچڻ ۽ گرفتاريءَ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پوري رياست ۽ پاڪستاني شهري ان بي رحماڻي واقعي جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته هر پرڏيهي ۽ اقليتن جي مال ۽ جان جي حفاظت رياست جي ذميداري آهي. سيالڪوٽ جو واقعو عدالت کان مٿانهون ۽ ملڪ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪرڻ جي ڪِريل سازش آهي. گستاخ رس??ل ۽ توهين مذهب جي سزا لاءِ ملڪي قانون مو??ود آهي، هر مجرم کي قانون جي سامهون آندو ويندو. اهڙا ??اقعا بين ال??قو??مي سطح تي پاڪستان جي بدناميءَ جو سبب بڻجن ٿا.