اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڊينمارڪ ۾ مقرر پاڪستان ج?? سفير احمد فاروق پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاڳاپن جي استح??ام ۽ ڊگهي مدي واري شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ سان گڏ ٻ??رف?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير زپي ڪوفوڪا تازو پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي، پاڪستان ڊينمارڪ سان اقتصاد?? سفارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي واپار، سرمائي سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻ??رف?? تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ م ٻ??رف?? تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان پاڪستان ج?? سفير احمد فاروق جي خدمتن کي ساراهيو، سفير احمد فاروق پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن جي استح??ام لاءِ ??نهنجي سڀني توانائين کي استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.