اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪامياب پاڪستان پروگرام جي افتتاح جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ??زي??اعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن 4 آڪٽوبر 2021ع تي ڪامياب پاڪستان پروگرام جو افتتاح ڪندو. ناڻي واري وفاقي ??زي?? شوڪت ترين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪامياب پاڪستان پنهنجي نوع??ت جو منفرد پروگرام آهي جنهن تحت 37 لک خاندانن کي 14 سئو ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اهو پروگرام معاشري جي محروم طبقن جون زندگيون بدلائڻ ۽ انهن کي مالي لحاظ کان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي ??زي?? شوڪت ترين وڌيڪ چيو ته اهو پروگرام يقيني طور تي پاڪستان ۾ پنهنجي طرز جو پهريون پروگرام آهي جنهن تحت مائيڪرو فنانس ادارن جي ذريعي بئنڪن ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري ??زي?? چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام غريب ۽ ڪمزور طبقن جي حوالي سان رياست جي احساس جي ذميواري جي عملي تعبير آهي. هن چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام جا 5 عنصر آهن. جن ۾ ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض جي فراهمي کانسواءِ ڪاروبار جي لاءِ 5 لک تائين بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. اهڙي طرح سستو گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر ٺاهڻ جي لاءِ آسان قسط?? تي فنانسنگ جي سهولت حاصل ٿيندي جڏهن ته پروگرام تحت وفاقي حڪومت جي اسڪلڊ بيسڊ اسڪالرشپ اسڪيم ۽ صحت انصاف ڪارڊ کي پڻ ڪامياب پاڪستان پروگرام سان ڳنڍيو ويندو.