اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا و??ن، سيڙپڪارن کي ڪا??وبار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون و??ن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي ت??قي لاءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪا??وبار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪاري ۽ ڪا??وبار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، انهن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ٻي?? کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪا?? ۾ ترميم شامل آهي.