اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليات جي شعبي جي ترقي لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر شي جن پنگ جو پيغام پڙه?? ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اع??يٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صدر ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان ع??لمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.