اسلام آباد – 07 ??ون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغ??ري?? ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهن??ون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ملڪن سان تع??ون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پ??ڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.