اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن ۽ متفقه ف??صلو ڪن، پولنگ ٿيڻ کانپوءِ نتيجا صبح تائين ناهن ايندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ کان ئي ??يا?? نه آ??ن، مشينن جي ??يا??ي لاءِ اليڪشن ڪميشن تي بجيٽ جو اضافي بار نه پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان اليڪٽرانڪ رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به هوندو، هر پولنگ اسٽيشن ۾ اهي مشينون موجود هونديون جيڪي انٽرنيٽ کانسواءِ ڪم ڪنديون. اهي مشينون استعمال ۾ ڪرڻ ۾ آسان آهن، وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه آ??ي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ايندڙ پنج سال به عمران خان وزيراعظم هوندو. هو پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باري ۾ صحافين کي ??ريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻيا ماهر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اهم مسئلو نتيجن جو وقت سر نه اچڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي نتيجن کي ??سليم ڪرڻ جا مسئلا رهندا آهن، ان جو حل اهو آهي ته چونڊ سڌارن تي سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه ف??صلو ڪن، پر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پرچي کان ٻاهر اچڻ لاءِ ??يا?? ئي نه آ??ن، هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪراچي اليڪشن ۾ اهي شڪايتون رهيون ته پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڏينهن تائين نتيجا سامهون نه آ??ا، هن ٻڌايو ته پاڪستان جي انجنيئرز، سائنسدانن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود ماهرن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ??يا??ي ۾ مدد ڪئي، جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو ته ان وقت اليڪشن ڪميشن تقريبن 36 شرط ڏنا ته جيڪا مشين ??يا?? ڪئي وڃي اها ان 36 شرطن تي پورو لهي، هن ٻڌايو ته انهن مشينن جي ??يا??ي ۾ انهن سڀني شرطن کي مڪمل ڪيو ويو.