اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ان هنگري جي پرڏيهي ۽ واپار واري وزير پيٽر سيزج جارتو جمعي تي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستاڻي رابطن جي مناسبت ۽ پوٽي??شل کي نظر ۾ رکندي مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، آبي وسيلن جي انتظام، خوراڪ ۽ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم هنگري جي ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار دوست ماحول جو فائدو کڻندي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. ملاقات ۾ ڪووڊ – 19 جي وبا جي معيشت تي منفي اثرن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي عوام جي ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ هنگري جي حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ا??ان نه رڳو پنهنجي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پر انهن کي معيشت تي ٿيندڙ منفي اثرن کانپوءِ بک جي هٿان مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، وزيراعظم افغانستان جي حوالي ??ان ڳالهائيندي چيو ته افغانت??ان ۾ تڪرار جو ڪوبه فوجي حل نه آهي ۽ صرف ڳالهين جي ??ري??ي ئي مسئلي جو سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.