اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ س??ن منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين ??ان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي فراز گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل س??ن مظاهرين ??ي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن روزاني جي بنياد تي مهانگائي ??هٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاقي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.