اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وال??ري?? ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ ا??ن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ا??ن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سا??ن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.