اسلام آباد – 13 جو?? (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت ??ي شروع ۾ ئي پرڏيهي ناڻ?? جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پرڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پهچي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضاف?? جي لاءِ ڪ??شش??ن ڪيون ويون، حڪومت جي ڪ??شش?? سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.