اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ??يسن ۾ گهٽتائي جو سبب وقت سر حڪومتي قدم آهن، وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي سڄي صورتحال جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو تازو فيصلو سمورين وفاقي ڌرين جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي، عوام تي به ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها ان حوالي سان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، اسان جون ڪوششون ڪورونا ??يسن جي غيرمعمولي اضافي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ 19 وڊيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.