اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم فڪر نه ڪري پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، اي گورن??س جو بهترين نظام آڻي رهيا آهيون، ڊيجيٽل پاڪستان منصوبي کي ڪامياب بڻائينداسين، ان س??ن ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو، ماضي ۾ پئسن جي لاءِ ٻين جون ??نگ??ون وڙهيون ويون، اڄ جو پاڪستان امن جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امت کي متحد ڪنداسين. هو ڊيجيٽل ويزن پاڪستان جي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو.