اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري و??ير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاه?? ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جد??د گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.