اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي ??هميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ا??لاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي ??هميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊ??يٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي ??ستعمال جي ??اري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ??ريعي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪو??يون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي ??اقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ ا??تياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ ا??لاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي.