اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفريقي ملڪ روا??ڊا سان ٻطرفي سياسي ۽ وزارتي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت جي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. روا??ڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عامر محمد خان سان ملاقات ۾ ڳاله??ئي??دي هن چيو ته پاڪستان ۽ روا??ڊا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.