اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي دعوت تي اڄ خميس ڏينهن ڪابل جو دورو ڪندو. وز??رت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو افغانستان جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??وجب وزيراعظم جو وفد پرڏيهي وزير، سيڙپڪاري ۽ واپار واري صلاحڪار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تي مشتمل هوندو، وزيراعظم جي پروگرام ۾ افغان صدر اشرف غني سان ??لاقات، وفدن جي سطح ت?? ڳالهيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس شامل آهن،