ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن و??ري وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم ا??يئ??ز ۽ بليو اڪانومي جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن و??ري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بندرگاهن جو موثر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آه?? ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاقي و??ير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا و??ري ناڻي جي بچت ٿيندي. وفاقي و??ير چيو ته سمورن ڪارگو هينڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته حڪومت سيڙپڪ??ري جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پ??ند?? جنهن سان معيشت جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.