اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سمورين پارلياماني پارٽين کي اپيل ڪئ?? آهي ??ه 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير جي مناسبت سان ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين رٿيل واڪ ۾ شرڪت ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئ?? وئ?? جنهن کي 5 آگسٽ 2024ع تي پنج سال ??ڪمل ٿي ويندا ان ڏينهن هر سال ??انگر هن سال به يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ ان خلاف احتجاجي واڪ ۽ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ريڊيو پاڪستان کان ڊي چوڪ تائين ٿيندڙ واڪ ۾ سمورين پارلياماني پارٽين کي شرڪت جي اپيل آهي ??ه جيئن اهو پيغام وڃي ته ڪشمير جي مسئلي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ان ڏينهن ايوان ۾ متفقه قرارداد به پيش ڪئ?? ويندي.