اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ر??مانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اسفند يار موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪئي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدارن کان رڪارڊ ۽ رقم جي بر??مد??ي جي لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني ر??مانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب م??توئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب م??توئي چيو ته 124 ملين رپيا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري ر??م وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ر??مانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ر??مانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ر??مانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.