اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پرائس مستحڪم ??کڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. اهڙو اظهار هن شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته کنڊ جي ايڪس ملز جي قيمت تازن مهينن ۾ مستحڪ?? رهي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پرائيس مستحڪم ??کڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن صوبن کي به کنڊ جي قيمت جي سختي سان نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. راڻا تنوير حسين چيو ته کنڊ جي قيمتن کي برقرار ??کڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.