اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي ره?? آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن تي قائم ڪرڻ ۽ خودڪار نظام جي لاءِ سنگ ميل هوندي. هو ايشيا انٽرنيٽ ??وليشن جي 3 رڪني وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايشيا انٽرنيٽ ??وليشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جيف پئين ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ڊيٽا جي تحفظ، انٽرنيٽ تي مواد جي حوالي سان ضابطه اخلاق ۽ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي ره?? آهي، پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? انفراسٽرڪچر ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد جار?? آهي، حڪومت مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بنيادي ڍانچي جي ترويج تي ڪم ڪري ره?? آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مصنوعي ذهانت انفراسٽرڪچر جي حوالي سان پاڪستان کي خطي ۾ هڪ نمايان ملڪ بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهيون، حڪومت جي ڊيجيٽل پاڪستان انيشي ايٽو تحت سڄي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن ۽ خودڪار نظام طرف وٺي وڃڻ جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل هوندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي مسودي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جار?? آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? ۽ انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر جي فروغ جي لاءِ ايشيا انٽرنيٽ ??وليشن جي خدمتن کي ساراهيو. وفد وزيراعظم کي ايشيا انٽرنيٽ ??وليشن جي پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? جي شعبي ۾ جاري پنهنجي سروسز کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنا??اج?? ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، تانيه ادروس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.