اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تع??ون سي پيڪ جي اپ گريڊيشن سان گڏ هڪ نئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي اداري جي وزير ليو جيان چائو ۽ سندس وفد جو استقبال ڪري خوشي ٿي. ٽئين گ??يل مشاورتي مڪينزم جي اڄ ٿيندڙ ٽئين اجلاس جي ڪاميابي تي انهن ک?? ۽ ??اڪستاني سياسي اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر سدابهار اسٽريٽجڪ تع??ون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪو هاڻي سي پيڪ جي اپ گريڊيشن سان گڏ هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هن مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اسان جي گ??يل خواهش ۾ مڪمل حمايت جي لاءِ سي پي سي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان چيني صدر جي دورانديش قيادت ۽ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ ان جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻنهي ملڪن ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي.