اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان دوستاڻي لاڳاپن جي وسيع امڪانن مان ??ائدو کڻڻ جي لا??ِ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ??يو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ عالمي معاملن تي ٻڌل گهڻ رخي ٻطرفي ۽ علائقائي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. هن چيو ته ٻئي ملڪ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيا آهن، توانائي تي گڏيل ورڪنگ گروپ ان شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم هوندو. هن چيو ته ٻئي ملڪ واپاري ۽ تعليمي رابطن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ قابل تجديد توانائي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ پارلياماني ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي پڻ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن. نائب وزيراعظم ڪوپ – 29 اجلاس جي ميزباني جي لا??ِ آذربائيجان جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ??يو ۽ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو. ڌرين غزه جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسرائيلي جارحاڻي ڪاررواين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشري?? هجي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??شمير مسئلي تي آذربائيجان جي مستقل ۽ اصولي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ آذربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لا??ِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ان ??قوعي تي صحافين کي ٻڌايو ته ملاقات ۾ هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لا??ِ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپاري تعاون جي تمام گهڻي صلاحيت اڃا تائين استعمال ۾ ناهي آئي جنهن جي لا??ِ توانائي، سياحت، ٽرانسپورٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽرانسپورٽ گڏيل اقتصادي منصوبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺون پاڪستان آذربائيجان بين الحڪومتي ڪميشن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن پاڪستان جي واپاري برادري کي آذربائيجان جي سازگار ??اروباري حالتن ۽ ڪنيڪٽيويٽي منصوبن مان ??ائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇهن سڌوسنئون اڏامن ۽ گذريل سال آذربائيجان جو دورو ڪندڙ 55 هزار پاڪستانين جو ذڪر ڪندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 29 اجلاس توانائي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون جا موقعا پڻ پيدا ڪندو. هن ڪاراباخ تڪرار تي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سان ??اڪستان جي ٺوس موقف کي پڻ ساراهيو ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل تي آذربائيجان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي سميت سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته آذربائيجان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسرندڙ ملڪ موافقت کي فروغ ڏيڻ سميت فني ۽ صلاحيت سازي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لا??ِ ضروري وسيلا حاصل ڪري سگهن. ان حوالي سان ??ائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??يو ته ٻوڏ سان ??اڪستان کي 34 ارب ڊالر جو نقصان ??يو آهي ۽ ملڪ اڃا به متاثر آبادي جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، انرجي سيڪيورٽي ۽ ڪنيڪٽيويٽي حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. هن اوڀر چين، ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۽ ٻين ملڪن کي ڪنيڪٽيويٽي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ پاڪستان جي مثالي اسٽريٽجڪ جڳهه کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي لا??ِ مضبوط عزم جو اظهار ??يو.