اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته مون کي يقين آ??ي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي ل??ءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، رانديگرن کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ هارائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آ??ي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ۾ ماضي جا ??يروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ ??وم?? هاڪيءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان هاڪيءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان پاڪستان جي نالي کي هاڪيءَ جي ميدان ۾ بلند ڪرڻ جي ل??ءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان کي ساراهڻ جي ل??ءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان ??وم?? هاڪيءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آهن. وزيراعظم چيو ته سڀني کي دل جي گهراين سا?? مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهي آ??ي ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي هاڪيءَ ٽيم هارائي نه آهي پر کٽي آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ هاڪيءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ياد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري دنيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسو??ءِ اها ڳالهه ڪري سگهان ٿو ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آ??ي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آ??ي ته هاڪيءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا ??يروز توهان ۾ ڏسڻ ۾ اچن. هاڪيءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. وزيراعظم چيو ته هارائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سا?? توهان مقابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي مبارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي جي ل??ءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي. هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي ل??ءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سا?? گڏجي قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سا?? پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي ل??ءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ملڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪيو. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگرن کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو. هاڻي ان کي يقيني بڻايو ويندو ته اسان جي ناليواري رانديگرن کي ادارن ۾ نوڪرين جا ??وقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي راند جي ميدان ۾ پوري طرح پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن ۽ انهن کي وسيلن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان پاليسي کي جاري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي شرڪت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي ل??ءِ ميڊلز کٽي ايندا. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ هارس سميع الله چيو ته ??وم?? هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري اسان کي هن تقريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آ??ي ته پاڪستان ۾ هاڪيءَ کي هٿي ملي. هاڪيءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سا?? ثابت ڪن ته اهي پاڪستان جي ل??ءِ کٽي ميڊلز آڻيندا رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چيو ته هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سا?? محبت ڪري ٿو. وزيراعظم ان شيءَ کي محسوس ڪيو ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هاڪيءَ اسان جي ??وم?? راند آهي. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي ل??ءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.