اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ ۾ غفلت ڪندڙ آفيسرن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ قائم انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ??يش ڪئي وئي، وزير??عظ?? ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انڪوائري ڪميٽي جي ميمبرن بشمول ناڻي وارو سيڪريٽري امداد بوسال، اويس ڪنڊي، نعمان خالد ۽ بابر مجيد ڀٽي شريڪ هئا. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ملڪ ۾ سگريٽ سازي، ڀاڻ ۽ سيمنٽ جي ڪارخانن ۾ پيداوار جي مانيٽرنگ، جعلي مصنوعات جي سڃاڻپ ۽ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ٺاهيو ويو هو. وزير??عظ?? چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ۾ ناقص منصوبابندي ?? لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان غفلت جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان پهتو، ايتري اهم قومي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ ج??دب??زي ڪري اهم شقن کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ان سنگين غفلت ڪندڙ عملدارن جي خلاف سخت محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، لائسنسي سان معاهدي تي فوري نظرثاني ڪئي وڃي، معاهدي ?? ٿرڊ پارٽي آڊٽ ۽ تڪرارن جي حل جي متبادل نظام جي حوالي سان پڻ شقون شامل ڪيون وڃن، انڪوائري رپورٽ ??وجب ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ميمبر آپريشنز ان لينڊ روينيو ان غفلت جا مرڪتب ٿيا. رپورٽ ??وجب ان سنگين غلطي جي بنيادي ذميواري بعد ۾ انهن ئي عهدن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن تي لاڳو ٿئي ٿي، ناقص انتظامي نگراني جي لاءِ ان وقت جي ايف بي آر چيئرمين کي ذميوار قرار ڏنو ويو. وزير??عظ?? جامع رپورٽ جوڙڻ تي انڪوائري ڪميٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.