اسلام ??باد– 11 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام ??ي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان پڻ وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عيد جي موقعي تي فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام ??ي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي ل??ءِ پڻ دعا ڪئي.