اسلام آ??اد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير ش??هه پي ٽي وي جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ تي پي ٽي وي ا??تظاميا ۽ نيوز ليٽر جي ادارتي ٽيم کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي وي پاران نيوز ليٽر جاري ڪرڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. پي ٽي وي جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته پي ٽي وي پاران نيوز ليٽر جاري ڪرڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان نيوز ليٽر جي تياري ۾ پي ٽي وي جي ٽيم سخت محنت ڪئي. هن چيو ت?? نيوز ليٽر جاري ڪرڻ پي ٽي وي جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي پي ٽي وي جي پوري ٽيم کي مبارڪ??اد ڏيان ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ا??م ڊي پي ٽي وي چيو ت?? نيوز ليٽر پي ٽي وي ج?? ناظرين ۽ پي ٽي وي جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اميد آهي ته اهو نيوز ليٽر اسان ج?? ناظرين جي لاءِ معلومات جو قيمتي ذريعو ثابت ٿيندو. هن پي ٽي وي ا??تظاميا ۽ عملي جي نيوز ليٽر جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي ا??هن کي مبارڪ??اد ڏني. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.