اسلام آباد – 07 – فيب??ور?? (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ريشين فيڊريشن ڪائونسل جي روس – پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سربراهه س??ني??ر ولاد مير چيزوف ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب س??ني??ر چيزوف 8 فيب??ور?? تي ٿيندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصر طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. نگران پرڏيهي وزير آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو ۽ پرامن ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ چونڊ عمل ۽ سيڪيورٽي انتظامن جي وضاحت ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان روس ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو پڻ ورج??ءُ ڪيو.