اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي ??نتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال شروع ٿيڻ تي جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي ??قريب منعقد ڪرڻ تي مڪمل پابندي جو اعلان ڪيو آهي ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ۽ نئين سال جي ??روعات تي سادگي کي نظر ۾ رکي. پنهنجي ??صوصي پيغام ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سال 2024ع جي ??مد آهي، آئون الله تعاليٰ کان دعاڳو آهيان ته نئين سال ج?? سج اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ پوري دنيا جي لاءِ خوشحالي ۽ امن جو پيغام کڻي اڀري. هن چيو ته جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج پاران ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو پيو وڃي، غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور تي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت شديد ڏک ۾ ورتل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي هيستائين اسرائيلي فوج جي ??لم سان 21 هزار کان وڌيڪ معصوم فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هڪ وڏو انگ معصوم ٻارن جو آهي جيڪو لڳ ڀڳ 9 هزار جي ويجهو پهچي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ پاڪستان دنيا جي هر فورم تي مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ سدائين اٿاريندو رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن جي مدد جي لاءِ امدادي سامان جون 2 کيپ موڪلي چڪو آهي جڏهن ته ٽئين کيپ به جلد ئي رواني ڪئي پئي وڃي، فلسطيني ڀائرن جي وقت سر امداد، غزه مان زخمين جي ??نخلا ۽ انهن جي ??لاج جي لاءِ پاڪستان حڪومت مصر ۽ اردن سان مسلسل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته فلسطين جي ??نتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي سامهون رکندي ۽ پنهنجي مظلوم فلسطيني ڀائرن ڀينرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ پاڪستان حڪومت پاران نئين سال جي ??والي سان ڪنهن به قسم جي ??قريب منعقد ڪرڻ تي مڪمل پابندي هوندي، ان موقعي تي آئون سمورن پاڪستانين کي به اها گذارش ڪريان ٿو ته اهي غزه جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪن ۽ نئين سال جي ??روعات تي سادگي کي نظر ۾ رکن.