اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته امن ۽ استحڪام اسان جي اولين ترجيح آهي، بي اين اي ج?? سربراهه سرفراز بنگلزئي عرف مريد بلوچ جو ساٿين سميت هٿيار اڇلائڻ پاڪس??ان ۽ بلوچس??ان جي لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. ايڪس تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بي اين اي جي اڳوڻ?? سربراهه گلزار امام شمبي جي ويجهي ماضي ۾ گرفتاري کانپوءِ قومي ڌارا ۾ آڻڻ کانپوءِ هي ٻي وڏي اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته عليحدگي پسند عسڪريت پسندن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان جي رياست ۽ ادارا هڪ هم اهنگي جي موقف کي شموليت جي ذريعي ??من کي اختيار ڪندي فروغ ڏئي رهيا آهن، هي قدم پائيدار امن?? افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير جو عڪاس آهي. هن چيو ته گڏجي اسان پنهنجي ايندڙ نس??ن جي لاءِ هڪ هم آهنگ ۽ محفوظ مستقبل جي راهه هموار ڪري رهيا آهيون. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ايجنسين خاص طور تي آئي ايس آئي جي ڪوششن کي ساراهيو جن ان مُشڪل ڳجهي آپريشن جي قيادت ۽ منصوبابندي ڪئي ۽ ان کي انجام تائين پهچايو.