اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي ??قم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقل?? ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسيز پاڪستانيز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ??اه??ئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ??اه??ئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقل?? ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ ??قم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال سان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، اوورسيز پاڪستانيز جي سيڙپڪاري ۽ انهن ج?? ملڪ??تن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي، اوورسيز پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.