اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر ميجر جن??ل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئ??. ا??وان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿ?? کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ڪمشنر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ??ي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جن??ل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري ت?? کيس مبارڪباد ڏني.