اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليوار گلوڪار ۽ زندگي ٽرسٽ جي باني شهزا?? راءِ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) مريم چغتائي ان سان گڏ هئي. وفاقي وزير شهزا?? راءِ جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ ان جي ڪردار کي خاص طور تي سنڌ جي صوبائي نصاب ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي شموليت تي وفاقي وزير شهزا?? راءِ کي داد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ان جو تعاون انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته شهزا?? راءِ جي ڪوششن سان سنڌ حڪومت سڄي صوبي جي سرڪاري استادن لاءِ زندگي ٽرسٽ جي تيار ڪيل نئين استاد ٽيچر پرفارمنس ايويلو ايشن فارميٽ جي منظوري ڏني، ان سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي به ان ک?? تسليم ڪيو، جسماني سزا کي ڏوهه قرار ڏيندي قانون منظور ڪيو. شهزا?? راءِ وفاقي وزير کي زندگي ٽرسٽ جي تعاون ۽ مقصد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سمورن ٻارن تائين تعليم کي قابل رسائي بڻائڻ لاءِ زندگي ٽرسٽ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ڪوششن ج?? تسلسل ۾ شهزا?? راءِ مدد علي سنڌيءَ کي اسلام آباد جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شطرنج، آرٽس خاص طور تي موسيقيءَ تي خصوصي ڪورسز تيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي. هن چيو ته زندگي ٽرسٽ بين الاقوامي شطرنج فيڊريشن سان ملي ڪلاس 3 کان 8 جي شاگردن لاءِ هڪ نصاب تيار ڪيو آهي. شهزا?? راءِ چيو ته اهڙي طرح جي ڪورسز کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻار?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شطرنج ۽ ٻين آزاداڻين فنن ??ان ٻار?? کي پنهنجي ذهني صلاحيت?? کي وڌيڪ نکارڻ ۽ وڌائڻ جي قابل بڻائي ٿو. وفاقي وزير جي هدايت تي اين سي سي زندگي ٽرسٽ سان ملي گريڊ 3 کان گريڊ 8 جي شاگرد?? کي شطرنج ۽ موسيقي جا اوزار سيکارڻ تي توجهه ڏيندڙ نصاب تيار ڪندو ۽ ا?? کي گريڊ 9 ۽ 10 جي شاگردن لاءِ تيار ڪندو. هن چيو ته اين سي سي ذريعي اهڙي چونڊ ڪورسز تيار ڪرڻ گهرجي جنه?? کي ايف ڊي اي لاڳو ڪري سگهي. هن چيو ته ضروري آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرمي?? کي باضابطه طور پڙهايو وڃي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.