اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏ??ل قومن جي هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏ??ل قومن جي ا??اري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفر??س جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پا??ست??ن هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي ا??راج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پا??ست??ن رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.